جي ايم سيد ايڪ تجزي ايڪ مطالعه

جي ايم سيد ايڪ تجزي ايڪ مطالعه

جي ايم سيد ايڪ تجزي ايڪ مطالعه

جي. ايم. سيد ايڪ تجزيه، ايڪ مطالعه (ڪتاب): جي. ايم. سيد جي سياست ۽ فڪري نقطن جي اپٽار واري موضوع تي مشتمل هي ڪتاب محمد موسيٰ ڀٽي لکيو لکيل آهي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد جي سياست ۽ فڪر جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. جي. ايم. سيد جي عقيدن ۽ نظرين کي اسلام ۽ ملڪ جي خلاف ڄاڻائيندي تنقيد ڪندي ان جي زندگيءَ ۽ سياست جو جائزو ورتو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ادبي تنقيد ڪرڻ بجاءِ جي. ايم. سيد کي لادين قرار ڏيندي سندس سياست کي جذباتي ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪندڙ سڏيو آهي. ڊيمي سائيز جي 120 صفحن ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب کي سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع ۾ ڇپايو آهي، ڪتاب جي قيمت 10 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو